سيتا هرڻ

سيتا هرڻ

سيتا هرڻ

سيتا هرڻ (ڪتاب): هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جا ٽي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن، پهريون ڇاپو ’آگم‘ پبليڪيشن ايجنسي، حيدرآباد پاران 1977ع ۾، ڪرائون سائيز جي 264 صفحن تي ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت اٺ روپيا رکي وئي.
ساڳئي اداري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ ڇپايو، جنهن جي قيمت 18 روپيا رکي وئي، بعد ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري/ حيدرآباد هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن 1996ع ڌاري ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ سيتا هرڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو